اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ اڳوڻي ??بائلي علائقن مان چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ماضي ۾ نظر انداز ڪيل علائقن جي عوام جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ان س??ن وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي.