اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 135 فوتگيون ٿيون جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ 4 هزار 681 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، صوابي ۾ 95 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 92 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 10 هزار 176، پنجاب ۾ 22 هزار 781، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 874، اسلام آباد ۾ 5 هزار 493، بلوچستان ۾ 1 هزار 230، گلگت بلتستان ۾ 535، آزاد ??شمير ۾ 1 هزار 3 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 41 هزار 912 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ??شمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 504 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هزار 757 ??هي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 34 هزار 423 آهي.