اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اصل ڪاميابي اها هوندي ته هن پنج سا??ن ۾ ڪيترن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، ماهي گيري جي شعبي ۾ تمام گهڻي سگهه آهي، سياحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان جي قدمن سا?? عوام جون زندگيون بدليون وينديون، بئنڪ ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اسٽاف کي تربيت ڏين، ان حوالي سا?? شڪايتن کي ختم ڪيو وڃي، آلودگي ۾ گهٽتائي جي لاءِ نوان ۽ ماڊل شهر ٺاهينداسين. سنڌ حڪومت سا?? گڏجي سمنڊ ۾ ڪچرو وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ ماضي ۾ ڪنهن حڪومت نه سوچيو، ڪراچي جي 40 سيڪڙو ڪچي آبادين جي مسئلو به حل ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامياب جوان پروگرام تحت ماهي گيرن کي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام تحت بحري معاملن جي و??ارت ۽ چئن بئنڪن جي وچ ۾ ماهي گيرن کي قرضن جي فراهمي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سا??ونڊي معاملن واري وفاقي و??ير علي زيدي ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار به موجود هو. وزيراعظم ان منصوبي تي بحري معاملن جي و??ارت ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي منتظيمن کي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم چيو ته اهو بهترين منصوبو آهي جنهن جي ذريعي ماهي گيرن کي زندگي کي بدلائي سگهجي ٿو، هن چيو ته اهو پروگرام اسان جي نظريي موجب آهي، اسان جي تحريڪ کي 25 سا?? ٿي رهيا آهن، اسان جي ڪاميابي اها هوندي ته اسان وڌ کان وڌ ماڻهن کي غربت مان ڪڍون، وزيراعظم چيو ته يو اين ڊي پي جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا جو ماضي ۾ دهشتگردي جي ڪري پوئتي رهجي ويو هو، مون 2013ع کان 2018ع تائين غربت ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ۽ امير ۽ غريب جو فرق گهٽ ٿيو، عام ماڻ??و جون حالتون بهتر ٿيون آهن، وزيراعظم چيو ته پنج سا??ن کانپوءِ اسان جي اصل ڪاميابي اهو هوندي ته اسان ڪيترن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، وزيراعظم چيو ته ماهي گير مشڪل حالتن ۾ زندگي گذاريندا آهن، ڪيترائي ڀيرا کين ڏهاڙي نه لڳڻ جي ڪ??ي بکيو سمهڻو پوندو آهي، هن چيو ته چئن وڏين بئنڪن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن ان پروگرام لاءِ سهڪار ڪيو. وزيراعظم چيو ته بئنڪن جو معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ وڏو اهم ڪردار هوندو آهي، هن چيو ته بئنڪن کي ننڍي ڪاروباري طبقي کي قرض ڏيڻ گهرجن. ان سا?? ڪاروبار کي فروغ ملندو ۽ معيشت مٿي ايندي.