اس??ام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته مزدورن جي تحريڪ هر ط??ح جي امتياز ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آه??، حڪومت خصوصي طور تي مزدور جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آه??، مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آه?? ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انهن جو تعاون اڻٽر آه??. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي س??ام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ سندس خدمتون لائق تحسين آه??. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين، صدر چيو ته مزدورن جي جدوجهد معاشرتي ناانصافي، چائلڊ ليبر، جبري مشقت، رنگ، نسل، مذهب يا صنفي بنياد تي فرق ۽ هر ط??ح جي پائمالي جي خلاف مشعل راهه بڻجي وئي آه??. هن چيو ته ليبر قانونن جي جوڙجڪ کان گهڻو پهرين اس??ام مزدورن جي حقن ۽ وقار کي حرمت ڏني، اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ جي زندگي ?? مزدور جي وقار ۽ حقن جي احترام جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، انهي بنياد تي اسان سمجهون ٿا ته مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آه?? ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مزدور ۽ مالڪ جو تعاون اڻٽر آه??.