اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ??رقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي ??ڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي ??امل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي ??ٺي صحت ۽ چين جي ??وام جي ??وشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي ??در شي چن پنگ پنهنجي ??ط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي ??وام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.