اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملداري جي لاءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غر??ب ميڊيا ڪارڪنن کي ??انوني دادرسي جو حق ڏيڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق ??ڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غر??ب ميڊيا ڪارڪن ۽ پبلڪ انٽرسٽ ٽنهي جو تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي ??نهنجو حق ??رار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پا??ستان ۾ ئي ممڪن آهي.