ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪا??يج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪا??ونٽ اسڪول ڪراچي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت اسڪول جي پرنسپل سينيئر الزبيٿ ني??مت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪا??يابين کي ساراهيندي ص??ر چيو ته سينٽ جوزف ڪا??ونٽ اسڪول ڪراچي جي عمارت جنهن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي محفوظ ڪيو ويندو. ص??ر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي لاءِ ??ڪ وڏو چئلينج آهي پر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي جديد ٽولز کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪا??يج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.