جهلم – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آهي، شهباز شريف سان نيب چيئرمي?? جي مقرري جي لاءِ مشاورت ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪنهن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ آفيسر ڪنهن کي لڳائڻو آهي، خطي جي اهم فيصل?? جي لاءِ عالمي قيادت وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي، عمران خان سدائين پاڪستا?? جي عوام جي دلي?? جي ترجماني ڪئي، جن ماڻهن کي جيلسي آهي اهي ايندڙ 5 سال به روئيندي گذاريندا، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪن??اسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ وزيراعظم عمران خا?? جي خاص ڌيان ڏيڻ سان اڄ جهلم ترقي طرف گامزن آهي، اسان عوام سا?? جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ٽن سالن ۾ ئي پورا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪري رهيا آهيو?? جيڪا جهلم مان گذرندي، ان موٽروي سان لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ سئو ڪلوميٽر جو فاصلو گهٽ ٿيندو جڏهن ته ان موٽروي سان روات، گوجر خان، سوهاوه، چڪوال، دينه، جهلم، سرائي عالمگير، کاريان، لالا موسيٰ، وزير آباد جي وڏي آبادي فائدو کڻندي جنهن کي گذريل دور ۾ موٽروي جي تعمير جي وقت نظرانداز ڪيو ويو هو. هن چيو ته اهو پراج??ڪٽ نارٿ پنجاب ??و سڀ کان وڏو روڊ پراج??ڪٽ هوندو جنهن جو وزيراعظم نومبر ۾ افتتاح ڪن??و. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين پاڪستا?? جي عوام جي دلي?? جي ترجماني ڪئي آهي. افغانستان جو مسئلو هجي يا ڪشمير جو، غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقلي جو معاملو هجي يا ماحول جو، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي پاڪستان جي ه?? شخص جي دل جي ترجماني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ??وران جهڙي طرح ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن آڏو رکيو، نريندر مودي کي للڪاريو، ائين پاڪستان ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته ممبئي واقعن ۾ الزام لڳو ته هڪ پاڪستاني انهن حملن ۾ ملوث آهي، ان شخص جو ڪنهن سيڪيورٽي ايجنسي ۽ فوج سان ڪو تعلق نه هو پر عالمي سطح تي پاڪستا?? جي خلاف پروپئگنڊه مهم شروع ڪئي وئي. هن چيو ته بلوچستان ۾ جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو ته نواز شريف ان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو حڪمران رهي چڪا آهن جن ۾ ڪڏهن پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. انهن قومي دولت ڦرڻ، نريندر مودي کي شادين ۾ گهرائڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪو تعميري ڪم نه ڪيو. هن چيو ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان ڳنڍيل نه هجن ته اهڙي طرح جي زندگي گذارڻ انهن جو مقدر هوندو آهي، نواز شريف ۽ اشرف غني ٻئي ڊالرن جا بيگ ڀري ٻاهرئين ملڪ فرار آهن. هن چيو ته اهو انهن ماڻه?? جي لاءِ سبق آهي جيڪي سياست ته ڪن ٿا پر پنهنجي زمين سان ڳنڍجن نه ٿا، اهڙي قسم جي ماڻهن جو حشر اسا?? جي آڏو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير جهلم ۾ ڪنٽونمينٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلين سوئيپ تي جهلم جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن وقت وفاق جي نمائنده پارٽي رڳو تحريڪ انصاف آهي، وزيراعظم عمران خان جو ملڪ ۾ هر جڳهه تي ووٽ بئنڪ موجود آهي. اها اسا?? جي خوشقسمتي آهي جو وفاق کي ڳنڍيندڙ ليڊر اسان وٽ موجود آهي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪن??ي. چوڌري فواد حسين چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي وکرجي چڪيون آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو به ڪير نه آهي، بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب ??ي دوري جي موقعي تي ماڻهن کي 5، 5 ڪروڙ رپي?? جي آفر ڪئي ته اسا?? جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سان معاملا بهتري طرف گامزن آهن، اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميش?? جي باقي ماڻهن سان اسان جو ڪو ذاتي جهيڙو نه آهي. نيب چيئرمي?? جي مقرري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف جوابدار آهي، نيب کيس جوابدار ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، نيب چيئرمي?? جي مقرري بابت شهباز شريف سان مشاورت ائين آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ ڪن??ڙ ڪير هوندو. هن چيو ته نيب جي نئين چيئرمي?? جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ٿيندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڳ ۾ حڪومتون رڳو ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا ٺاهينديون هيون، عمران خان عالمي سطح تي عوام سان ڳالهه ڪن??و آهي، اسان نيوزيلينڊ جي پاڪستا?? جي دوري جي ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان حقيقتون سامهون آنديون ته انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ تي دٻاءُ پيو، انگلش وومين ٽيم به انهن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي جڏهن ته برطانيا جي وزيراعظم پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اها پبلڪ ڊپلوميسي جي ڪاميابي آهي، اسان عوام آڏو سڀ شيون رکيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جهلم ۾ واه?? جي منصوبي جي پهرين ڊسٽري بيوٽري مارچ 2022ع ۾ مڪمل ٿي ويندي، روڊ نيٽ ورڪ جي لاءِ 15 آڪٽوبر تائين ڪمپنيون شارٽ لسٽ ٿي وينديون، آڪٽوبر جي ٽئين هفتي ۾ ان تي ڪم شروع ٿي ويندو. چار مرحلن ۾ ان تي ڪم شروع ٿي رهيو آهي، پهرين فيز ۾ للا کان پنڊ دادن خان ۽ سنگهوئي کان مصري موڙ شامل آهي. اهي ٻه فيز ايندڙ 8 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته (ن) ليگ وٽ شهباز شريف ۽ مريم نواز آهن، اهي ه?? هفتي ٽاس ڪن ٿا ته هن هفتي فلاڻو ليڊر هوندو ۽ اڳئين هفتي ٻئي جو وارو هوندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل اي?? جي هي آخري اليڪشن هوندي، ان کانپوءِ اهي اليڪشن وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هوندا، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته خطي جي معامل?? جي حوالي سان عالمي ليڊرشپ عمران خان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي جيڪا اسا?? جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، جن ماڻهن کي جيلسي آهي ته پاڪستان جا سمورا ادارا ۽ حڪومت هڪ مٺيءَ ۾ ويڙهيل آهن، اهي ايندڙ 5 سال به ائين ئي روئيندي گذاريندا.