اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته وزيراعظم عم??ان خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ک?? خطاب ۾ ڪشمير مسئلي، افغانستان جي صورتحال، غريب ملڪن مان ڦريل دولت ۽ ماحوليات بابت تفصيلي ۽ دليلن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جي ورچوئل خطاب کي ساراهيندي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم ج?? خطاب جا چار بنيادي موضوع هئا، وزيراعظم انهن چئن موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چي?? ته وزيراعظم عم??ان خان دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. وزيراعظم دنيا کي باور ڪرايو ته ڪهڙي طرح ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي ي مودي جي فاشسٽ حڪومت اقليتن جو ??تل??م ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عم??ان خان پنهنج?? خطاب ۾ نه رڳو پاڪستان، خطي پر عالمي دنيا کي درپيش چئلينجز جو بهترين احاطو ڪيو. هن چي?? ته وزيراعظم دنيا کي ٻڌايو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته اهو خطي ۽ پوري دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چي?? ته وزيراعظم پنهنج?? خطاب ۾ غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم باور ڪرايو ته غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ٿيڻ سان امير ملڪن جي خلاف نفرت پيدا ٿي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم موسمياتي تبديلي سان هن زمين کي لاحق خطرن جي لاءِ پنهنجي عالمي ذميوارين جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنهنج?? خطاب ۾ پاڪستان حڪومت پا??ان 10 بلين ٽري سونامي ذريعي پاڪستان ۾ ٻيهر ٻيلا پوکڻ، قومي ماحول کي تحفظ ڏيڻ، شهرن ۾ آلودگي جي خاتمي جي لاءِ قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چئني موضوعن تي تمام تفصيلي ۽ جاندار دليلن سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، پوري قوم وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ پورو پاڪستان عم??ان خان جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي.