اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته نئين گهڻ ماڙ هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لاء?? ضروري قانون?? کي جلد کان جلد لاڳو ۽ وفاقي حڪومت جي ملازمن جي لاءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراه??ي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن امڪاني قدم?? کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) بابت معاملن جو ج??ئز?? وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر ملازم?? کي بهترين رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي ڪاربند آهي. ان مقصد جي لاءِ پي ڊبليو ڊي کي هڪ سمارٽ ۽ موثر تنظيم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي حڪومت جي سمورين هائوسنگ يونٽس جي مناسب سارسنڀال کي يقيني بڻائين. هن اها به هدايت ڪئي ته نئين عمودي هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لاء?? ضروري قانون?? کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ملازمن جي لاءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراهه??ي کي يقيني بڻائن لاءِ سمورن امڪاني قدم?? کي استعمال ۾ آندو وڃي، اجلاس ۾ هائوسنگ واري وزير چوڌري طارق بشير چيمه، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، هائوسنگ واري پارلياماني سيڪريٽري تاشقين صفدر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.