اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي ??چ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمبر آهن.