اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن کي عورتن ۽ ٻين محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته احساس پروگرام تحت روڪ امداد جي ??ڌي سنئين بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقلي عورتن کي مالي طور تي وڌيڪ بااختيار بڻائيندي، ڪورونا وبا مسئلن سان گڏوگڏ ورچوئل تعليم جهڙا موقعا پڻ پيدا ڪيا آهن، حڪومت معاشري جي ??مورن طبقن جي ??عاون سان سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ڊيٽا تي ٻڌل وقت سر فيصلن سان غريب طبقن ۽ ملڪي معيشت کي سهارو ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايس ڊي پي آءِ جي ??هتمام هيٺ سالياني پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي ??فتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ??ماجي ڀلائي واري خاص معاون ??اڪٽر ثانيه نشتر، ايس ڊي پي آءِ جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ ايمبيسيڊر شفقت ڪاڪاخيل پڻ خطاب ڪيو. صدر ايس ڊي پي آءِ پاران ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ پائيدار ترقياتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ٿنڪ ٽينڪس ۾ بهترين فڪر ۽ دانش جو عنصر موجود آهي جڏهن ته انهن کي ان جي مناسب انداز ۾ مارڪيٽنگ پڻ ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن ان سان پاليسي ۽ فيصلاسازي جي ??مل ۾ فائدو کڻي سگهجي. صدر چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا جي ??وران حڪومت، نجي ??عبي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا سميت معاشري جي ??مورن طبقن ڀرپور ذميواري جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن سڀ کان اڳ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ڪمت عملي لاڳو ڪئي. هن چيو ته ان حڪمت عملي تحت ڊيٽا جي ??نياد تي قدم کنيا ويا جن جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا. صدر چيو ته حڪومت ماڻهن خاص طور تي ڪمزور طبقن جي ??ماجي ??حفظ، صحت جي ??هولتن جي فراهمي، غربت جي ??اتمي، غذائي تحفظ ۽ ويڪسي نيشن جي ??لسلي ۾ ٺوس قدم کنيا آهن. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ان ڳالهه جو گهرج ڪ??ي ٿي ته اسان کي علاج کان اڳ احتياط تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهڙي طرح ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءُ ممڪن آهي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڪري جتي وڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن، اتي ورچوئل تعليم جهڙا موقعا پڻ پيدا ٿيا آهن جن جي پاڪستان جهڙن ملڪن کي سخت ضرورت هئي. صدر ڊيجيٽلائيزيشن جي ??هميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊيٽا جي ڪري پاڪستان ۾ حڪومت ڪورونا وبا دوران محروم ۽ مستحق طبقن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ??ي ڪري عورتن کي قومي معيشت جي ڌارا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، حڪومت پاران آسان قرضن ۽ هنرمند بڻائڻ ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون ??ن، ان سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر غريب ملڪن مان وسيلن جي ??مير ملڪن کي منتقلي جو پس منظر پيش ڪندي چيو ته اهو سلسلو ڪالونيل دور کان هلندو پيو اچي، اڄ جي ??ور ۾ مني لانڊرنگ انهي استحصال جي هڪ شڪل آهي جنهن ۾ غريب قومن جو پئسو غيرقانوني طور تي ترقي يافته ملڪن ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح انسانيت جو استحصال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه دنيا اسان کي انساني همدردي جو درس ڏي ٿي جڏهن ته پاڻ ان جو پنهنجو ڪردار سڀني جي ??امهون آهي، ان ڏس ۾ هن پوپ فرانسس جي يوناني جزيري ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ جي ??وري جي موقعي تي ڏنل هڪ تازي بيان جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته ”يورپ مهاجرت جي ??والي سان“ قومپرستاڻي اناپرستي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان جمهوريت جي پسپائي جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. صدر چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني آهي، ان جي ??لاف پاڪستاني معاشري ۾ ڪڏهن ڪو آواز نه اٿاريو ويو. صدر عارف علوي پاڪستان جي ??هتر مستقبل جي لاءِ تعليم، صحت ۽ معيشت جي ??عبن تي ڌيان ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان حوالي سان ٿنڪ ٽينڪس اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ وزيراعظم جي ??ماجي ڀلائي واري خاص معاون ??اڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي ??طاب ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي ??ريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا جي وبا دوران پاڪستان حڪومت پاران ڪمزور طبقن جي ??ماجي ??حفظ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام تحت مختلف منصوبن جا مقصد حاصل ڪرڻ جي ??لسلي ۾ لاڳاپيل حصيدارن سان مشاورت سان وڌيڪ بهتري جي لاءِ ڪوششون ??يون پيون وڃن. ان موقعي تي ايس ڊي پي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عابد قيوم سلهري پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي پس منظر ۽ مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وبا دوران حڪومت جي موثر حڪمت عملي کي ساراهيندي چيو ته ان مشڪل صورتحال ۾ حڪومت عوام کي صحت، بک ۽ غربت ۽ معيشت جي وڏي بحران کان بچائڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ پائيدار ترقي جي ??ڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو ۽ ان بابت سفارشون تيار ڪيون وينديون. ايمبيسيڊر شفقت ڪاڪاخيل پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته ايس ڊي پي آءِ غيرسرڪا??ي ٿنڪ ٽينڪ جي ??يثيت سان حڪومت جي پائيدار ترقي جي ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو. هن ڪورونا وبا دوران موجوده حڪومت جي ??ماجي ??حفظ، صحت ۽ معاشي استحڪام جي ڪوششن کي ساراهيو.