اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهبا?? شريف ڄاڻي واڻي منصوبابندي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان مان فرار ??يڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهبا?? شريف مفرور سلمان شهباز کي پاڪستان واپس گه??ائ?? ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل دولت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهبا?? شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور سلمان شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انهن ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز دولت ۽ ڪرپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.