اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت پاران ان جي سهولت ۽ مدد لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن، نون ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) ۾ مختلف شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيو ويا آهن ۽ ا??هن منصوبن سان علائقي جي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪي سي سي آءِ جو صدر سيد حسن علي شاهه ڪري رهيو هو، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پرامن افغانستان نه رڳو افغانستان پر ان جي پاڙيسري ملڪن لاءِ به معاشي خوشحالي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي سرحدي ضلعن خاص طور تي خيبر افغانستان س??ن واپار ۽ واپاري موقعن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهون ٿا. هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي انعقاد لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سان افغانستان ۾ انساني امداد لاءِ ع??لم?? حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفد صدر کي افغانستان س??ن واپار جي حوالي سان پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد وبائي مرض جي دور??ن واپاري برادري کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کي به ساراهيو.