اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ست??ني يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار کي جديد بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي، چپ مينوفيڪچرنگ جي لاءِ يونيورسٽي شاگردن کي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پا??ست??ن کي اڳتي وڌڻو پوندو، شاگردن کي جديد ۽ فني تعليم ڏئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ مائيڪرو ويو، اينٽينا اينڊ سرڪٽس بابت پهرين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري، ڊاڪٽر حماد چيما، استادن، مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سائنسدانن ۽ ماهرن کانسواءِ شاگردن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دنيا تيزي سان ترقي ڪري ??هي آهي، اسان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا سان گڏ هلڻو پوندو، پا??ست??ن ۾ چپ ڊيزائننگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جي مينوفيڪچرنگ طرف پڻ وڃڻو پوندو. هن چيو ته چپ ڊيزائننگ ۽ ان جي تياري ملڪ جي سيڪيورٽي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، سائبر جنگين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دفاعي نظام مضبوط بڻائڻو پوندو، يونيورسٽين ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ست??ن ۾ رڳو 10 سيڪڙو شاگرد انٽر کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا، اسان جون يونيورسٽيون جيڪو ڪجهه سيکاري رهيون آهن انهن جي مارڪيٽ ۾ کپت گهٽ آهي، ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، شاگردن کي جديد ۽ فني تعليم ڏئي پا??ست??ن کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نوجوانن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو، پا??ست??ن آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ليڊرشپ جو تمام ا??م ڪردار آهي، ڪورونا جي حوالي سان پا??ست??ن بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي. صدر چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي، دفاعي صنعت کي نسٽ جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ ٻين يونيورسٽين کي پڻ ان عمل جو حصو بڻائڻ گهرجي. صدر چيو ته ليڊرشپ ايهڙي هجڻ گهرجي جيڪا اڳتي جو سوچي، پا??ست??ن ماضي ۾ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو پر هاڻي ان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڪانفرنس کي نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري خطاب ڪندي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ صدر جي ويزن ۽ اميدن تي پورو لهندي. هن چيو ته نسٽ ان شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ??هي آهي. ان موقعي تي صدر نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.