لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صو??تحال کان آگاهه ڪيو. ملاق??ت ۾ پنجاب ۾ ڀاڻ جي آبادگارن کي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ ڪيل انتظامي قدمن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم صو???? ۾ ??اري ترقياتي منصوبن، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صو??تحال کي تسلي بخش قرار ڏيندي وڌيڪ بهتري آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، وزيراعظم صو??ائي انتظاميه کي منصوبن جا اثر عوام تائين پهچائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صو???? ۾ ??اري ترقياتي منصوبا وقت تي مڪمل ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي هر قسم جي رليف جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي، وزيراعظم حڪومت جي فلاحي منصوبن جي اثرن کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي پنجاب جو چي?? سيڪريٽري ڪامران علي افضل، آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير جو پر??سپ?? سيڪريٽري عامر جان به موجود هئا.