اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي سا?? وفاقي محتسب اعجاز ا??مد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئر??ين اعجاز ا??مد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئر??ين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سا?? فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري انصاف جي فراهمي اهم ڪردار ادا ڪري س??هن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سا?? رجوع ڪن. هن چيو ته فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئر??ين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز ا??مد قريشي سينيٽ جي چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي سا?? سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به ??وجود هو.