اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لا??ِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻن چيتن کي بچائڻ ۽ انهن کي مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۾ واپس ڇڏڻ تي وائيلڊ لائيف کاتي کي ساراهيندي چيو ته اسان جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لا??ِ پرعزم آهيون. وزيراعظم پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ جنگلي ٻلين (چيتن) بابت هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي آهي.