منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته عدم ا??تماد جي ڳالهه ڪندڙن تي انهن جي گهر وارا به اعتماد نه ٿا، انهن جي گهر وارا به چو?? ٿا ته انهن وٽ پئسا رکرايا ته هي لنڊن کڻي ڀڄي ويندا، هي وڏا چور آهن، انهن چورن ۽ ڦورن کان پئسو واپس اچڻ گهرجي. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدم ا??تماد جون ڳالهيون ڪندڙن جي هڪ ئي ايجنڊا آ??ي ته انهن جي ڪيسز مان جان ڇٽي وڃي، اسان کي انهن کي ڪيسن مان نڪرڻ ناهي ڏيڻو، انهن کي سزائون ڏيارڻيون آهن. هن چيو ته اڄ ڌيءَ عدالتن ۾ ڪيس ڀوڳي رهي آهي ۽ پيءُ ۽ پٽ لنڊن ۾ آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪير اعتماد ڪندو. هن چيو ته مدرسي جي ٻارن جي زور تي ۽ نان قهوي تي جلسا نه ٿا ڪري سگهجن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ (اپوزيشن) اچي ڏسي جلسا ڪيئن ٿيندا آهن. هن چيو ته منڊي بهاءُ الدين ۾ شاندار جلسو منعقد ڪر?? تي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو، چيو ويندو هو ته جلسا اپوزيشن ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، اڄ ثابت ٿي ويو آ??ي ته جلسا حڪومت ۾ رهندي به ڪامياب ٿي?? ٿا. هن چيو ته جڏهن اسان چئو?? ٿا ته پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪر??و آ??ي ته اسان رڳو عمران خان تي اعتماد ڪري سگهو?? ٿا. هن چيو ته عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي عوام لاءِ تاريخي ترقياتي منصوبا ڏنا، اهڙي طرح جا ترقياتي ڪم انهن علائقن ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا، منڊي بهاءُ الدين جي ليڊرشپ به علائقي جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ان کان اڳ جلسي گاهه تي منڊي بهاءُ الدين جي عوام ا??لاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو شاندار استقبال ڪيو.