اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي پنهنجي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وز??راعظم عمران خان سان ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خ??ن آفريدي ملاقات ڪئي. وز??راعظم کي ڪشمير ڪميٽي پاران مختلف عالمي فورمن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس ۽ ٻين عالمي پار??يا??اني ادارن ۽ ڌرين سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم کي ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي ان مقصد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريل??ف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.