اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميش?? چيو آهي ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊ?? جي تياري?? جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪشن ڪميش?? چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنه?? جي آئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي آئي?? جي آرٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آهي، چونڊن لاءِ تڪبنديون هڪ بنيا??ي قدم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ آئي?? جي آرٽيڪل 51 (5) تحت آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪشن ڪميش?? جي ذميداري آهي، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنه?? جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذريعي هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندي?? جي اجازت ڏني وئي جنه?? جي بنياد تي 2018ع جي عام چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ا?? جي ڪري نيون تڪ بنديون لازمي آهن تنهن هوندي به ايئن ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيج?? جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ڊجيٽل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي هن وقت تائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنه?? جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊ?? جي انعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آهي، اليڪشن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آهي.