اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جو دورو ڪيو. قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر جو پ??پس بورڊ آف گورنر جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو پهريون دورو هو. ان موقعي تي پ??پس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قائم ڪرڻ جي مقصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پ??پس ۾ جد??د پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صل??حيتن کي وڌائڻ جي لاءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته پ??پس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جد??د درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پ??پس جي مختلف آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پ??پس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.