اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ دوستي جي ماحول ۾ ٿي جيڪا پا?? چين لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي. وزيراعظم چين جي حڪومت ۽ عوام سان 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي ??ي تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ٽي چيني اسڪالرز پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا هئا. وزيراعظم متاثرين جي گهرڀات??ن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزياعظم دهشتگرد حملي ??ي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ??وهاري فعل ڪندڙ ماڻهن کي پڪڙڻ ۽ انهن کي اسان جي قانونن موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ مڪمل جاچ جي لاءِ پا??ستان جي پڪي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ??الهه کي ورجايو ته پا??ستان اقتصادي منصوبن ۽ ادارن تي پا??ستان ۾ ڪندڙ سمورن چيني شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم چين جي وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته سندس حڪومت پا??ستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي وزيراعظم ٻطرفن معاملن تي پڻ تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ??الهه تي اتفاق ڪيو ته پا??ستان ۽ چين پنهنجي آزمايل ۽ هر قسم جي حالتن ۾ جاري رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندا. وزيراعظم پا??ستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي ترقي جي لاءِ چين جي ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ بنيادي مفاد جي سمورن معاملن تي چين جي حڪومت جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. وزيراعظم پا?? چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت جاري ۽ نئين منصوبن کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم جي توثيق ڪئي جن پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز (ايس اي ڊيز) کي جلد کان جلد مڪم?? طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پا??ستان ۽ چين جي حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن چيني عملدارن جي تجربي مان سکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جن پنهنجي صوبن ۾ ايس اي ڊيز قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ايم ايل ون منصوبي سميت ٻنهي ملڪن جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ منصوبن لاءِ چ??ن سان ??ڏجي نئين جوش ۽ ولولي ??ان ??م ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف عوام سان عوام جي رابطن تي زور ڏيندي چيني وزيراعظم کي پا??ستاني شاگردن جي خاندانن جي جذبن کان پڻ آگاهه ڪيو جيڪي پنهنجي تعليم ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ چين واپس وڃڻ جا خواهشمند هئا. وزيراعظم لي ??اطري ڪرائي ته چين اقتصادي تعاون وڌائڻ، واپار کي سگهه ڏيڻ ۽ چين مان پا??ستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ان خيال جو اظهار ڪيو ته چين هر طرح جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي اهم مفادن سان ??ڏوگڏ تغير پذير علائقائي ۽ عالمي ماحول جي ڏس ۾ امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفادن لاءِ جاري رهڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.