بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپن جا 71 سا?? مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زا??لي جيان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي ل??ڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي ل??ڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين سان سفارتي ل??ڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.