اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملاقا?? ۾ ??زيراعظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ک??س هدايت ڪئي ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي سمورن حل طلب معاملن کي جلد کان جلد اڪلائي. هن ان سلسلي ۾ سمورن موجود وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقا?? ۾ ????ڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.