اسلام آبا?? – 22 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان ۾ جاري چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڏس ۾ جرمني، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي وزير يورپ سان پاڪستان جي مسلسل رابطن جي حصي طور انهن ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ ٻين سرڪاري عهديدارن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جا منتظر آهن. ترجمان چيو ته پرڏ??هي وزير بابت ملڪن جي گادي وارن شهرن جي دورن کي ميزبان حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ گڏيل اتفاق سان طئي ٿيل تا??يخ?? تي ٻيهر جوڙيو ويندو.