ڪوئيٽه-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريلف آپريشن ??ار?? آهي. هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ بلوچستان جي وڏي آباديءَ کي بُريءَ ط??ح متاثر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي ??اني ۽ مالي نقصان سان گڏ روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان صوبي جي ??مورن ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي متاثرن جي ??دمت ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. ريسڪيو ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري مختلف هنڌن تي منتقل ڪيو آهي. ڪوئ??ٽه جي ??لائقي نوان ڪلي ۾ 11 ماڻهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل هئڻ جو اطلاع ملڻ تي پاڪستان آرمي ايوي ايشن انتهائي خراب موسم ۽ تيز برسات دوران انهن ماڻهن کي ريسڪيو رڪي محفوظ ماڳ تي منتقل ڪيو. ڪوئ??ٽه ۾ لاڳيتي برسات سبب متاثر ٿيل ڪينٽ جي ڀرپاسي جي متاثرن کي پوليس لائن ڪوئ??ٽه ڪينٽ ۾ منتقل ڪري کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪيون ويون. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان ڪوئيٽه، مسلم باغ، چمن، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، لهڙي، نصير آباد، بيله، اوٺل ۽ جعفر آباد جي ??لائقن ۾ رليف ڪيمپس قائم ڪري پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون بسترا فراهم ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوئيٽه، مسلم باغ، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، دوبندي، لهڙي، سدوري، ارا جي ??لعن لسٻيلا جي مختلف هنڌن تي فري ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري مفت علاج لاءِ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ روڊ رستن جي ??لد بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان شاهراهن ۽ پُلن جي مرمت جو ڪم پڻ تيزيءَ سان ??ار?? آهي، حب ??اءِ پاس شاهراهه کان بيله تائين 6 ٽريفڪ مئنجمينٽ ٽيون مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آر سي ڊي شاهراه کي هر قسم جي ??چ وڃ لاءِ کوليو ويو، ميري ۽ لاکڙا روڊ سبي تارکني روڊ جيڪو لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ڪيا ويا هئا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن. لنڊا پل ۾ پاڻيءَ جي گهٽ سطح هئڻ تي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کي جلد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ متاثرن جي ??يسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن.