اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف چيو آ??ي ته سيد ??لي گيلاني جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد ??لي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي آزادي جي اهڃاڻ سيد ??لي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آ??ي ته ڪشميرين جو سيد ??لي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خط??ب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد ??لي گيلاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آزادي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد ??لي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد ??لي گيلاني شهيد ??و مڙهه کسڻ سان ڪشميرين کان آزادي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪشميري سيد ??لي گيلاني کي سلام پيش ڪن ٿا، اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد ??لي گيلاني سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.