اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منشيات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيات بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عم?? قيد جي سز?? تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، مارفين، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منشيات تي ڏ??ي ويندي. صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هيروئن يا مارفين جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏ??هه تي 20 سال کان وڌيڪ قيد ۽ 10 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورفين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏ??هه ۾ سزا موت يا 15 کان 20 لک رپين جي ڏنڊ سان عم?? قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ڏ??هه ۾ سزا موت يا 20 سالن کان وڌيڪ قيد سان گڏ 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. آفيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏ??هن تي سزائي موت يا 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ سان عم?? قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، تعليمي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.