اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل چيو آ??ي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو ??مل متاثر ٿيو آ??ي تنهن هوندي به معاشي واڌ کي برقرار رکڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيريڪ ڪوهلٽ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وز??ر آمريڪي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا ٻطرفي گهڻ رخي لاڳاپن تي روشني وڌي. ناڻي واري وز??ر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وفد کي ملڪ جي معيشت جي صورتحال ۽ پيش منظر کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وز??ر وفد کي مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل انتظامي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو. هن چيو ته ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، جنهن سان زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي کي بري طرح نقصان پهتو آ??ي. مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو ??مل متاثر ٿيو آ??ي تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي اولين ترجيح معاشي واڌ کي برقرار رکڻ آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر پنهنجي ٽيم جو ??عارف ڪرايو ۽ معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مشڪل قدمن تي ناڻي واري وز??ر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ ملڪ کي درپيش مشڪل وقت تي همدردي جو ??ظهار به ڪيو، هن مشڪل وقت ۾ ترقي ۽ اوسر کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل عملي ڪوششن جو ??ه اعتراف ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي، ٻئي پاسي ناڻي واري وز??ر ويان گروپ جي سي اي او ترزي گلو سان ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، هيڊ آف انويسٽر رليشنز ڪيرشاو، ويان جي شيئر هولڊر ميٿيو سڪولاري، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ ناڻي واري وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ويان جي سي اي او ناڻي واري وز??ر کي پنهنجي گروپ جي پروفائل، ويزن ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري آڻڻ ۾ گروپ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن گروپ کي درپيش مختلف مسئلن کان به ناڻي واري وز??ر کي آگاهه ڪيو. ناڻي واري وز??ر وفد کي ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ جي ڏس ۾ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، هن ويان جي سي اي او کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وز??ر گروپ طرفان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي به زور ڏنو.