اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪ??تا?? ان ڏس ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪ??تا?? جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪ??تا?? هن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيداري سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خ??اب ڪندي شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪ??تا?? ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحال ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 کان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪ??تا?? ۾ گرمي جي موسم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن، اهو سڀ موسمياتي تبديلين جي ڪر?? آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي موجود آهي، هن وقت پاڪ??تا?? ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون موسمياتي تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪ??تا?? جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪ??تا?? جي دوري جي موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خ??تمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.