نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي منشور، اصولن تي پنهنجي وابستگي، اعتماد کي ورجائڻ، انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي، گ??ريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ثالثي جي ذريعي انساني بحران کان بچڻ بابت گڏيل قومن جي ثالثي دوست گروپ جي 12 هين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بليڪ سي گرين انيشيٽو جي ڪاميابي سان ثالثي ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيءَ جي صدر اردوان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته تڪرارن جي روڪٿام ۾ گڏيل قومن جو اهم ڪردار آهي، گڏيل قومن جو منشور بحران جي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ آهي، تڪرارن جي ڪنهن به مرحلي تي س??ام??ي ڪائونسل ڌرين کي پنهنجي تڪرارن جي حل جي مناسب ??ري??يڪار يا ??ري??ن جي سفارش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ منشور جي باب 6 تحت ثالثي به شامل آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 37 ۽ 38 تحت س??ام??ي ڪائونسل جي ڌرين کي حل جي شرن جي سفارش ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جيڪڏهن اهي ان جي درخواست ڪن ٿا يا جيڪڏهن ڪائونسل اهو سمجهي ٿي ته انهن جي وچ ۾ تڪرارن جو جاري رهڻ ۽ حقيقتون عالمي امن ۽ س??ام??ي جي قيام کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، س??ام??ي ڪائونسل ان بنيادي مينڊيٽ تي عملدرآمد جي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن چيو ته منشور تي صحيحون اٽڪل 77 سالن کانوءِ امن ۽ س??ام??ي کي درپيش چئلينجز ۽ خطرا وڌيڪ پيچيده آهن پر چارٽر جي مقصدن ۽ اصول بدستور درست ۽ ناقابل تغير آهي، انهن اصولن تي پنهنجي وابستگي ۽ اعتماد کي ورجائڻ ۽ انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سيڪريٽري جنرل جو امن جي لاءِ سفارتڪاري ۾ اضافي جو بار بار مطالبو فوري ۽ اهم آهي ۽ سفارتڪاري جي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي تڪرارن جي حل لاءِ ثالثي سميت ٻين ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ گڏيل قومن کي تڪرارن جي سياسي حل ۾ ثالثي ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون آهن پر ان کي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، شروع ۾ س??ام??ي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب حل ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري ??ري??ي سان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪيو ويندو، س??ام??ي ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪيترائي مڪينزم به قائم ڪيا، انهن ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪس??ان بابت ڪميشن، پاڪس??ان ۽ ڀارت ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ جي مقرري ۽ پاڪس??ان ۽ ڪيترن ئي خصوصي نمائندن جي مقرري شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو تسلسل 5 آگسٽ 2019ع تي ۽ ان کانپوءِ کان ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقي کي قانوني جواز يا راءِ شماري کانسواءِ الحاق ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن مان ظاهر ٿيو، ان مقصد جي لاءِ پاڪس??ان گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل پاران وڌيڪ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 99 تحت ثالثي جي قدمن کي استعمال ۾ آڻي ته جيئن ڀارت کي پنهنجي هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي منصفاڻي حل تي عملدرآمد تي راضي ڪري سگهجي، ان تڪرار بابت س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرامد جي لاءِ س??ام??ي ڪائونسل کي سيڪريٽري جنرل جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪس??ان کي هن گروپ جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي.