اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 12 ۽ 13 آڪٽوبر تي آستانه قازقستان ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهه اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم مسئلن خاص طور تي موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز بابت پا??ستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عالمي ?? علائقائي امن ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پا??ستان جي پڪي عزم کي ورجايو، هن علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح ??ي حصيداري ۽ خودمختيار برابري جي بنيا?? تي سمورين رياستن سان خوشگوار لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سميت پا??ستاني عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي جي هدف کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پا??ستان جي ڪردار کانسواءِ پا?? چين اقتصادي لنگهه سميت مختلف قدمن جي ذريعي ايشيا ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پا??ستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ۽ ان کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ جي سمورن قدمن بشمول والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلي ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه جي گنجائش کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. بيان موجب سيڪا هڪ بين الحڪومتي قدم آهي جنهن جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. 27 ميمبر ملڪن تي ٻڌل سيڪا سڄي ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جو هڪ فورم آهي. پا??ستان سيڪا جي باني ميمبرن مان هڪ آهي ۽ هو ان جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي.