اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي پر ان کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ رستن، پلين ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جهڙن وڏن منصوبن جي لاءِ وڏي رقم گ??رب?? آهي، سائنسدانن ٻوڏ کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، اسان رڳو موسمياتي انصاف گهري ??هي?? آهيون، تلافي جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري ??هي?? آهيون. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ”فنانشل ٽائيمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي قدمن بشمول ري شيڊيولنگ يا موريٽوريم جي لاءِ نه چئي ??هي?? آهيون پر اضافي فنڊز گهري ??هي?? آهيون. هن چيو ته اسان جا مطالبا ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي فڪرمند آهيون ڇو ته جيڪڏهن عدم اطمينان گهري سياسي عدم استحڪام جو سب?? بڻجي ٿو ۽ اسان پنهنجي بنيادي گهرجن ۽ هدفن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون ته اهو ظاهر آهي ته ڳنڀير مسئلن جو سب?? بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو ڪنهن به قسم جي خطري جي لحاظ کان نه چئي رهيو آهيان پر ان جو حقيقي امڪان موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان رڳو موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري ??هي?? آهيو??، اسان ”معاوضي“ جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري ??هي?? آهيون. هن چيو ته پاڪستان جتان به ٿي سگهيو اضافي فنڊز حاصل ڪندو، اسان موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهي ۽ ان جي خلاف جنگ ۾ آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان نه ٿا چاهيون ائين ٿئي. 32