اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (??ي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا/ ڊي ??ي پي جي ڪا به کوٽ ناهي، موجود ذخيرا م??ڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. اين ايف آر سي سي جي اجلاس ۾ رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري ??فاقي وزير ۽ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آڙ سي سي ليفٽيننٽ جنرل محمد ظفر اقبال ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيو. اين ايف آر سي سي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي ??ي پي وڏي مقدار ۾ موجود آهي. جڏهن ته ڪڻڪ جا ذخيرا به ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صو??ائ?? حڪومتون يوريا/ ڊي ??ي پي ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ موجود ذخيره ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي آهن. هن وقت قومي سطح تي 6215327 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ پنجاب وٽ 3067435 ميٽرڪ ٽن، سنڌ وٽ 865584 ميٽرڪ تن، خيبر پختونخوا وٽ 96282 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان وٽ 49630 ميٽرڪ ۽ پاسڪو وٽ 23630 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو تعين ٻج، ڀاڻ سميت پيداواري ??اڳت کي ڏسي ڪيو ويندو آهي ته جيئن آبادگارن کي مناسب منافعو ملي سگهي. صنعت ۽ پيداوار واري ??زارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ??ورم کي ٻڌايو ته ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي ??ي پي جي گهربل مقدار ملڪ ۾ دستياب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي. 300000 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ جي درآمد جو ٽيندڙ پهرين ئي عمل هيٺ آهي. هن چيو ته ربيع جي فصل لاءِ 3870000 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته هن وقت ڀاڻ ڪمپنين وٽ به 374479 ميٽرڪ ٽن جا ذخيرا م??جود آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صو??ائ?? حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه آبادگارن کي ڀاڻ جي بروقت ۽ گهٽ قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار يوريا/ ڊي ??ي پي جا ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصلن لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جي عمل جو به جائزو ورتو ويو. فورم صو??ائ?? حڪومتن کي ٻج جي فراهمي لاءِ تحصيل/ تعلقه جي سطح تي سهولتي مرڪزن جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جون به هدايتون ڪيون.