اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وز??ر ??حس?? اقبال وز??راعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ گڏيل قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وز??ر شيري رحمان، ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر ??حس?? اقبال، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ۽ ا??ڊي??نل سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.