اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز تي گذريل ??ال دهشتگرد حملي جي فيصلي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل ??دالت جي ٻڌايل فيصلي ۽ مقامي پوليس پاران جاري ڪيل ??فصيل نوٽ ڪيا آهن. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ مخصوص سوال لاڳاپيل ??ملدارن کي موڪلي سگهجن ??ا پر ان معاملي ۾ فعال جاچ، استغاثه ۽ فيصلي هڪ ڀير?? ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان هڪ ڀير?? ٻيهر متاثرين جي گهرڀاتين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي دشمن قوتون ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.