اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن جو خو??هشمند آهي، اسان جي امن جي خو??هش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪر?? رهيو آهي، عالمي معاشي بحران سان پاڪستاني عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان رسالپور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ فضائيه جي اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار ۽ ڊسيپلين ڏسي خو??ي ٿي آهي. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس مستقبل جو اثاثو آهن، انهن ڪيڊٽس کي ڪاميابي، انهن جي مسلسل محنت ۽ اڻٿڪ عزم جي ڪر?? ملي آهي. پاڪ فضائيه ڪنهن به چئلينج ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. پاڪ فضائيه سڄي دنيا ۾ بي مثال مهارت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه فيبروري 2019ع ۾ ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ شدت پسندي درپيش هئي. پاڪ فضائيه سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان ناسور ??و بهادري سان مقابلو ڪيو، سڄي قوم پاڪستاني فوج جي پـٺيان بيٺل آهي، اميد آهي ته هٿياربند فوج سدائين قوم جي خو??هشن تي پورو لهندي. هن چيو ته دنيا کي موسمياتي تبديلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش آهن، معيشت کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون، ان لاءِ ميثاق معيشت چاهيون ٿا. عالمي معاشي بحران سان پاڪستاني عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، جلد ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي وينديون، الله تعاليٰ ملڪ جي ترقي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اسان جي امن جي خو??هش کي ڪمزوري ??ه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل خلاف ورزيون ڪر?? رهيو آهي. آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪشميرين جو پر??ڻو تڪرار ڪشميري عوام جي خو??هش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ڇو ته ان تڪرار کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته سڀني ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ??لڪن سان ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن جا خو??هشمند آهيون. خطي ۾ امن جي لاءِ پاڙيسري ??لڪن سان گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته بهترين، منظم ۽ پيشيور پاڪ فضائيه جي سربراهي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان موقعي تي وزيراعظم پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي بيج لڳايا. هن گارڊ آف آرنر جو معائنو به ڪيو. تقريب ۾ دفاع واري ??فاقي وزير خو??جه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.