اسلام آ??اد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ??چ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مفا??مت?? يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب من??قد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان طرفان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي ع??ب طرفان سعودي نائب دفاع وارو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز مفا??مت?? يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.