اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪيندڙ ۽ 60 لک کي بيروزگار ڪندڙ گاڏي مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگ??ي ڇو ته ان کي خبر آهي ته مزدورن سان پنهنجي حڪومت ۾ ڇا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته فارن فنڊڊ سازشي فتنو پاڻ گاڏي مان خطاب، منهن تي بالٽي وجهي سيڪيورٽي ۽ ماڻهو گرمي ۾ پيادل هلي هلي بي حال ۽ گاڏي ?? ويهي پڇي رهيو آهي ته لڳي ٿو توهان ٿڪي پيا آهيو، ڪهڙو بي حس ۽ بي شرم ماڻهو آهي؟ پر ڇا ڪ??ي ڪيئن نڪري گاڏي مان ٻاهر؟ 2 ڪروڙ کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪيندڙ ۽ 60 لک کي بيروزگار ڪندڙ گاڏي مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگ??ي ڇو ته خبر آهي ته مزدورن سان پنهنجي حڪومت ۾ ڇا ڪيو آهي.