اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين من??وب?? جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب وزارت جي 14 جاري من??وب?? جي لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 3 نئين من??وب?? جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ سائوٿ ايشين گيمز 22 – 2021ع منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي لاءِ 61 ڪروڙ 17 لک رپيا، اسلام آباد، فيصل آباد، واهه ڪينٽ، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ سوات ۾ هاڪي ٽرف جي تبديلي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا، ميگا ايونٽس ۾ شرڪت جي لاءِ فارن ڪوچز جون ??دمتون ??اصل ڪرڻ ۽ اوزارن جي خريداري جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ بائيو مڪينيڪل ليب قائم ڪرڻ جي لاءِ 12 ڪروڙ رپيا ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ رستن، فٽ پاٿ، مين گيٽ ۽ سيڪيورٽي سسٽم جي بحالي ۽ تعمير جي لاءِ 10 ڪر??ڙ 35 لک رپيا رکيا ويا آهن، قومي رانديون منعقد ڪرڻ جي لاءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.