اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيالن جي ڏي وٺ ??رڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي ??ي منتقلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا جي ما??ي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ??رڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب سربراهه اجلاس جو مقصد ايندڙ ٻن سالن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌارن جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي وضاحت ??رڻ ۽ اتر ۽ ڏک?? جي وچ ۾ وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ??رڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اينڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ??رڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.