اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري تي آ??ي. ??ريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس افغانستان جو پهريون سرڪاري دورو آ??ي. ??ن چيو ته آصف دراني دوري دوران افغانستان جي وقتي نائ?? وزيراعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، واپار واري وقتي وزير نورالدين عزيزي، صحت واري وقتي وزير ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي وزير شيخ ندا سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن ج?? سم??رن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان دلچسپي ج?? سم??رن معاملن تي عبوري افغان حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.