اسلام آ??اد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي پاڪستان ۾ غيرق??نو??ي طور تي رهندڙ غيرملڪين جي انخلا ۽ غيرق??نو??ي غيرملڪي ماڻهن جي واپار ۽ ملڪيتن جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ??، ڪاروبار ۽ ملڪيتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، لاڳاپيل وفاقي وزير، صوبائي وڏا وزير ۽ ق??نو?? لاڳوڪندڙ سمورن سول ۽ عسڪري ادارن جا سربراهه هڪ ئي ڇت هيٺ گڏ هئا. جاري ڪيل پ??رائي موجب شرڪت ڪندڙن ملڪي داخلي سيڪيورٽي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ته جيئن ممڪن چئلينجز کي پائيدار انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. باوجود سمورين مشڪلاتن جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوام جي اميدن موجب آئين ۽ ق??نو?? جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪيل اهم فيصلن ۾ پاڪستان ۾ غيرق??نو??ي طور رهندڙ غيرملڪين جو انخلا، بارڊر تي اچ وڃ جي طريقيڪار کي هڪ دستاويز جي صورت ۾ منظم ڪرڻ (جنهن ۾ بارڊر تان چرپر جي اجازت رڳو پاسپورٽ ۽ ويزا تي ڏني ويندي) ۽ غيرق??نو??ي غيرملڪي ماڻهن جي واپار ۽ پراپرٽي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ شامل آهي. گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا جعلي سڃاڻپ ڪارڊ??، ڪاروبار ۽ پراپرٽي جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ته جيئن غيرق??نو??ي سڃاڻپ ڪارڊز ۽ ملڪيت جو تدارڪ ڪري سگهجي. فورم وڌندڙ غيرق??نو??ي سرگرمين (بشمول منشيات اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، کاڌي پيتي جي شين ۽ ڪرنسي جي اسمگلنگ، غيرق??نو??ي رقم جي پهچ ۽ بجلي چوري) تي جاري ڪاررواين کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ موثر ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. فورم ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته طاقت جو استعمال رڳو رياست جو دائره اختيار آهي ۽ ڪنهن به شخص يا گروهه کي طاقت جي زبردستي استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي. ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي هٿياربند گروهه يا تنظيم جي هرگز ڪا جڳهه نه آهي ۽ اهڙي قسم جي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي وئي ته اسلام امن جو دين آهي ۽ رياست ڪنهن کي مذهب جي من پسند تشريح ڪري سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادي، اسلام ۽ پاڪستان جي آئين جو حصو آهي ۽ رياست ان کي يقيني بڻائيندي. فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پروپئگنڊه ۽ غلط معلومات جي مهم جوئي ڪندڙن کي سائبر ق??نو??ن تحت سختي سان منهن ڏنو وڃي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ق??نو??ن جي آگاهي ۽ عملدرآمد جي لاءِ فني طريقيڪار جوڙيا پيا وڃن جيڪي ق??نو?? جي پاسداري ۽ عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکي ٺاهيا پيا وڃن. آخر ۾ فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيون وينديون.