اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي معاملي تي پاڪستان ??ميت سمورن اسلامي ملڪن جامع ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، غزه ۾ فوري جگبندي ڪئي وڃي، اسرائيل والاريل علائقو خالي ڪري ۽ فلسطينين کي انساني بنيادن تي امداد جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جي خلاف رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران پرڏيهي وزي چيو ته فلسطينين جي لاءِ مدلل انداز ۾ آواز اٿارڻ تي ايوان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جهڙي طرح ڪشمير مسئلو پراڻو ۽ حل طلب تڪرار آهي اهڙي طرح فلسطين به پراڻو حل طلب تڪرار آهي، ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي بابت گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن پر انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن چيو ته اسان ??ڄ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون، اهو اسان ??و مذهبي ۽ قومي فرض آهي جهڙي طرح فلسطين جي عوام اسرائيل جي غاصباڻي قبضي کانپوءِ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، سوين فلسطيني شه??د ٿي چڪا آهن ان ??ي مذمت ڪريون ٿا ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ قومي فرض آهي ۽ اهميت رکندڙ آهي، اسرائيل گذريل 17 سالن کان ??زه تي قابض آهي. هن چيو ته اسرائيل 7 آڪٽوبر کانپوءِ اتي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ان ??و موجوده دور ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته يونيسيف جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته گذريل ٻن هفتن کان ??يڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان ??ان ??زه قبرستان ??و منظر پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن موجب 8500 فلسطيني شه??د ٿي چڪا آهن، انهن ۾ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ٻار شامل آهن، 25 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي آهن، 222 اسڪولن ۽ هڪ لک 80 هزار گهرنک ي تباهه ڪيو ويو، بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ دستياب نه آهي. هن چيو ته اسرائيل اسپتالن تي 35 جي لڳ ڀڳ حملا ڪيا آهن، اتي ماڻهن جو حال پڇڻ وارو ڪير نه آهي، زخمين جي عيادت ڪندڙ ڪير به نه آهي، علاج جون سهولتون دستياب نه آهن، نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي لاءِ اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته جباليه تي اسرائيلي حملي ۾ سوين شهادتون ٿيون آهن، اسرائيلي حملا رڳو غزه تائين محدود نه آهن پر انهن جو دائرو والاريل بيت المقدس سميت ٻين علائقن تائين وڌايو ويو آهي، تصديق ٿيل اطلاعن موجب شهادتن جو اصل انگ ان کان ??ه وڌيڪ آهي، ان معاملي تي پاڪستان فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان واضح بيان ڏنو، حڪومت ۽ سينيٽ به ان ??والي سان واضح پيغام ڏنو آهي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطيني صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي، مون پاڻ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ڪئي ۽ سعودي عرب سميت ٻين هم خيال ملڪن سان گڏجي ان ??والي س??ن هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب او آءِ سي جو گڏيل اجلاس گهرايو. هن چيو ته جده ۾ غيرمعمولي اجلاس ۾ سمورن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اتفاق راءِ س??ن هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته فوري طور تي جنگ بندي ڪئي وڃي، غزه سميت متاثر علائقن ۾ انساني بنيادن تي فوري امداد فراهم ڪئي وڃي، قيدين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ امن عمل شروع ڪيو وڃي، اسرائيل ظلم ۽ ڏاڍ جو مثال قائم ڪيو آهي، اسرائيل عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو آهي، 1967ع ۾ قرارداد نمبر 242 اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي، گڏيل قومن جي ان قرارداد ۾ اسرائيل جي قبضي کي ناجائز قرار ڏنو ويو. ٻي قرارداد 478 اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ چيو ويو ته جن ملڪن پنهنجا سفارتخانا والاريل بيت المقدس منتقل ڪيا آهن اهي اتان واپس اسرائيل منتقلڪن. ٽين قرارداد 2334 آهي جنهن ۾ والاريل علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري کي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اسرائيل انهن قراردادن جي پاسداري نه ڪئي ۽ نه ئي ان ??ي حامين انهن قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ??ي پاليسي جي اهم نقطن ۾ اهو شامل آهي ته اسرائيل والاريل علائقن مان ??نخلا ڪري، انساني حقن جون پائماليون بند ڪري، گڏيل قومن جي قرارادادن موجب آزاد فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته اسان ??ڀ فلسطيني عوام جي لاءِ آزادي، امن ۽ روشني جا خواهشمند آهيون، اميد آهي ته انصاف ظلم ۽ ڏاڍ تي حاوي ٿيندو ۽ عالمي ضمير تنگ نظري تي ٻڌل مفادن کي شڪست ڏيڻ جي قابل ٿيندو. هن چيو ته حڪومت ۽ عوام پاران ٻيهر ان ??زم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون ۽ سدائين گڏ بيٺل رهنداسين.