اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صحت واري نگران وزير صدر کي صحت جي شعبي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان صدر کي ٻڌايو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي ايجنڊا ??حت پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام جاري ڪرڻ سان صحت جي شعبي ۾ مثبت ??تيجا برآمد ٿيندا. هن چيو ته سڄي ملڪ جي 5 سئو بني??دي صحت جي مرڪزن کي ٻن مهينن جي اندر اپ گريڊ ڪيو ويندو، انهن مرڪزن کي صحت جي ??ال??ي اداري جي تعاون سان اپ گريڊ ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي شعبي صحت واري نگران وفاقي وزير جي ويزن ۽ سڌارن کي ساراهيو.