دبئي – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 82 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله سلطان بن عواد النعيمي، گڏيل عرب امارات ۾ ??اڪ??تان جي سفير فيصل نياز ترمزي ۽ ??اڪ??تاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ ??اڪ??تاني وفد جي سربراهي ڪندو. نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ??ندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شم??اد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ??ندا.