واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پ??ڪس??ان جاگرافيائي، سياسي ۽ جيو اڪنامڪ ٻنهي لحاظن کان هڪ اهم ترين ملڪ آهي ۽ هو پاڻ کي رابطن جو مرڪز ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان اڳتي لاءِ گيٽ وي طور ترقي ڏيڻ چاهي ٿو، ت??هن هوندي پ??ڪس??ان بلاڪ پاليٽڪس تي يقين نٿو رکي، سمورن دوست ملڪن سان متوازن لاڳاپا برقرار رکڻ تي يقين رکون ٿا، پ??ڪس??ان ڊگهي مدي وارن ٻه طرفن لاڳاپن ذريعي آمريڪا سان مضبوط رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ان ڳالهه جو اظهار هن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ٿيل پريس رليز موجب واشنگٽن ۾ مشهور آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا جي ميمبرن سان هڪ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن ملاقات ۾ علائقائي سلامتي ۽ عالمي دهشتگردي تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪيو جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ پ??ڪس??ان جو موقف به اجاگر ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي تسليم ٿيل تڪرار قرار ڏيندي ان کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته ڪو به هڪ طرفو قدم ڪشميري عوام جي خواهشن خلاف ان تڪرار جي نويت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. آرمي چيف غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي فوري جنگ بندي تي به زور ڀريو ۽ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل ضروري آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي پارٽنرشپ ذريعي آمريڪا سان ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته آمريڪا جي دوري دوران سندس ڳالهيون مثبت رهيون، پاڪ فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پ??ڪس??ان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي دهشتگردي خلاف هڪ محافظ طور بيٺل رهيو، علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو. پ??ڪس??ان دهشتگردي خلاف پنهنجي پائيدار جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ پ??ڪس??ان دهشتگردي خلاف ان جي منطقي انجام تائين وڙهندو رهندو.