اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم ڪوويڊ 19 جي وبا دوران پنهنجي گڏيل ڪوششن سان دنيا ۾ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، اهڙي طرح جي اتحاد جو مظاهرو تعليم، صحت ۽ اقتصادي شعبي جي م??ئل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. هو راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ نيشنل هيلٿ سمٽ کي خطاب ڪري ر??يو هو. صدر چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران جڏهن سڄي دنيا ۾ اها وبا ڦهلجي ر??ي هئي، پاڪستان ان کان بچڻ جي لاءِ دنيا جو ٽيون بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪ بڻجي اڀريو. اهو سڀ ڪجهه ماڻهن ۽ سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ڪري ممڪن ٿيو جن وبائي مرض جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جي ڪوششن ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ان ڪاميابي مستقبل جي لاءِ هڪ ??ستو تيار ڪيو آهي جيڪو موجوده چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ اسان جي ر??نمائي ڪري سگهي ٿو. جسماني صفائي جي اهميت تي ر??شني وجهندي صدر چيو ته اسلامي تعليم مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ذاتي صحت جي سارنڀال جو تعلق روحاني پاڪيزگي سان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو احتياطي عادتُون بشمول ڏندن کي ب??قاعدگي سان برش ڪرڻ جي عادت وجهن ته ڏندن جون اٽڪل 90 سيڪڙو بيماريون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون. صدر سمورين ڌرين ۽ ڪاروباري ب??ادري تي زور ڏنو ته اهي ذهني دٻاءُ ۽ آبادي ۾ اضافي سميت صحت سان لاڳاپيل م??ئل?? بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارن جي اسڪول نه وڃڻ جي سنگين م??ئل?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ انهن ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسجدن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر بنگلاديش، ڀارت ۽ سريلنڪا جو ذ??ر ڪيو جتي ٻارن ۾ خواندگي جي شرح پاڪستان کان وڌيڪ آهي. هن چين جو به حوالو ڏنو جنهن صحت ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏئي اٽڪل 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته رياست رستو ڏيکاري سگهي ٿي پر اها معاشري جي سمورين ڌرين جي ذميواري آهي ته اهي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ م??ئل?? کي حل ڪرڻ جي ذميواري جي حصيداري ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترجيحن ۽ پاليسين جي تسلسل تي ڌيان ڏيڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ عوام جي شموليت ضروري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صوبائي حڪومتون پنهنجي مخصوص بجيٽ مان رڳو 25 کان 30 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪن ٿيون جيڪو ان شعبي جي م??ئل?? کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪافي نه آهي. آبادي ۾ اضافي جو ذ??ر ڪندي هن ”ڊيموگرافڪ تبديلي“ تي زور ڏنو جنهن ۾ معاشري جا سمورا طبقا ان معاملي جي اهميت کي سمجهي سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي مختلف سببن جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن جو جامع طور تي ازالو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻارن جي خلاف جنسي ڏوهن ۽ منشيات جي استعمال بابت مختلف ذريعن کان آگاهي پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر اخلاقيات تي ٻڌل اصولن تي زور ڏنو ۽ دولت جي ورڇ ۽ وسيلن کي ڪجهه ماڻهن وٽ جمع ڪرڻ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر ثاقب رفيق چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پهريون ملڪي سربراهه آهي جنهن چيمبر جي عمارت جو دورو ڪيو ۽ واپاري ب??ادري جي عوام جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شموليت تي حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته اٽڪل 90 سيڪڙو ماڻهو ڏندن جي مهانگي علاج کي ب??داشت نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ڏندن بابت بيمارين سان رڳو ڏندن جي مناسب سارسنڀال ڪري ئي بچي سگهجي ٿو.