اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان پاڪستان ايڊورٽائيزنگ ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب وفد ۾ پاڪستان ايڊورٽائيزنگ ايسوسيئيشن جو صدر جواد همايون، ايگزيڪيوٽو ميمبر نديم اڪبر، طارق محمود، شبير ملڪ، خادم حسين ۽ احمد علي شامل ??ئا. وفد ڪلاسيفائيڊ ايڊورٽائزمنٽ تي عملدرآمد تي پي آءِ او جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ واجب الادا ??دائيگين جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پي آءِ او وفد کي ادائگين جا معاملا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان کي باضابطا ”ليٽر آف ٿينڪ??“ ??ڻ پيش ڪيو.